اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڪل جماعت حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت ??يش ڪرڻ جي لاءِ اڄ سومر ڏينهن ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو اڳوڻو صدر سردار يعقو?? ان موقعي تي خاص مهمان هو، ڪانفرنس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق اح??د خان، جماعت اسلامي اي جي ڪي جي امير ڊاڪٽر مشتاق حمد، وزير رياست احمد رضا قادري، پاڪستان انساني حقن واري ڪائونسل جي چيئرمين جمشيد احمد، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، ناصر قادري، راجا نجابت حسين، سيد يوسف نسي??، الطاف حسين واني، محمد رفيق ڊار، ملڪ اسحاق، حاجي عارف، عبدالغني لون، چوڌري فاروق، قاضي عمران، غلام نبي بٽ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. مقررين ڄمون جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو ??ه ڪشميري عوام هن ڏينهن کي ان تجديد عهد سان ملهائين ٿا ته اهي پنهنجي ناقابل تنسيخ حق، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين شهيدن جو مشن جاري رکندا.