اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي موسم??ات?? تبديلين جي خطرن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ بڻائڻو پوندو، زمين موسم??ات?? تبديلين جي خطري جي ور چڙهيل آهي، حڪومت يا ڪو به ادارو اڪيلي سر ان خطري کي منهن نه هو ڏئي سگ??ي، موسم??ات?? تبديلين جي چئلي??ج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي، موسم??ات?? تبديلين کان متاثر ملڪن جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پري ڪوپ – 28“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته زمين جو گرمي جو درجو وڌي رهيو آهي، ڪا به حڪومت يا ادارو اڪيلي سر موسم??ات?? تبديلي جي خطري ۽ چئلي??ج کي منهن نه ٿو ڏئي سگ??ي، ان مسئلي جي اهميت سڄي معاشري کي تسليم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي موسم??ات?? تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري ۾ وڌي چڙهي ??صو وٺڻو پوندو. ان ڏس ۾ معاشري ۾ سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته موسم??ات?? تبديلين جي حوالي سان ٻارن ۾ شعور اجاگر ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ مائرون ۽ استاد پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگ??ن ٿا. اسان پنهنجي ڪلچر ۾ موسم??ات?? تبديلي جي اهميت کي اجاگر ڪري ئي انهن خطرن کي منهن ڏئي سگ??ون ٿا. هن چيو ته موسم??ات?? تبديلي جي حوالي سان ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان پاڪستان ٽيليويزن ۾ موسم??ات?? تبديلي جي حوالي سان اسپيشل ڊيسڪ جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي سموگ ۽ ٻوڏ جهڙا مسئلا درپيش آهن، جيڪي انساني وجود جي لاءِ خطري جو سبب آهن. اسان اڪيلي سر ان مسئلي کي منهن نه ٿا ڏئي سگ??ون. ان جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته موسم??ات?? تبديلي جي لحاظ کان پاڪستان غيرمحفوظ ملڪ آهي، ان تباهي ۾ اسان جو ڪو به ڪردار نه آهي پر ان کان اسان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته موسم??ات?? تبديلي جي چئلي??ج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي.