بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پائيدار ۽ جامع ترقي جي ويزن ۽ سيڙپڪار د??ست پاليسين تي عمل پيرا آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي، چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊيجيٽل معيشت ۽ کاڻين جي ??وٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي موقعي تي مختلف چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن نگران وزيراعظم سان م??اق??ت ڪ??ي. ??گران وزيراعظم سان م??اق??ت ڪندڙن ۾ من ميٽلز، ايم سي سي، چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني (سي سي سي سي)، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن (سي آر بي سي)، سي او ايف سي او، امر انٽرنيشنل گروپ، پاور چائنا، چائنا انرجي ۽ چائنا گيزوبا گروپ جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ سربراهه شامل هئا. نگران وزيراعظم چيني ڪاروباري شخصيتن کي معاشي ۽ مالياتي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم پائيدار ۽ جامع ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪار د??ست پاليسين تي عمل پيرا آهي جنهن جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جيڪا غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ سهولت جي لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي. نگران وزيراعظم چين جي ??ارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز کي چيو ته اهي پاڪستان ۾ آءِ سي ٽي، زراعت، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊيجيٽل معيشت، کاڻين جي ??وٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي چين جي ??اروباري شخصيتن غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪر جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيندي نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ??اروبار بابت آگاهه ڪيو. هنن پاڪستان جي ??اروباري حصيدارن سان گڏجي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽوز کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ انهن کي چيو ته اهي لاڳاپيل وزيرن سان پنهنجي ??اروباري معاملن بابت خيالن جي ??ي وٺ ڪن.