اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي ??اء?? مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ڀلائي ??اء?? بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيو?? آهن. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن شهزاده حسين برهان الدين جي سربراهي ۾ بوهره ڪميونٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حسين برهان الدين نگران وزيراعظم کي پنهنجي والد ۽ بوهره ڪميونٽي جي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي ??اء?? مشعل راهه آهن. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ ??اء?? گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم سماجي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ بوهره ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيو. وفد نگران وزيراعظم کي ڪراچي ۾ بوهره ڪميونٽي جي تعمير هيٺ اسپتال بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته غريب طبقي جي ڀلائي ??اء?? بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيو?? آهن. وفد نگران وزيراعظم کي بوهره ڪميونٽي جي مختلف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج ??اء?? اسپتال سرفهرست آهي. نگران وزيراعظم ملاقات ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بوهره ڪميونٽي سان تعاون ۽ ان کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.