اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن ۽ ملڪي معاشي صورتحال تي تفصيلي بريف??گ ڏني وئي. اجلاس ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن بشمول اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، پاور واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي پڻ تفصيلي بريف??گ ڏني وئي. ??گر??ن وزيراعظم هر شعبي ۾ جاري سڌارن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪي معاشي پاليسين جو تسلسل قائم رکنداسين ۽ وڌيڪ اقتصادي بهتري آڻينداسين، عوامي ڀلائي جا منصوبا ??نا رڪاوٽ جاري رهندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم ??گر??ن حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ??گر??ن حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختياري تي ڌيان ڏيندي، ??گر??ن حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ سموريون توانائيون معيشت جي اصلاح تي لڳائيندي. ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ملڪي معاشي صورتحال تي پڻ تفصيلي بريف??گ ڏني وئي.