اسلام آباد ??? 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي نگراني جي لاءِ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر تي ٻڌل پهرين سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر (ACTUS DIGITAL (Logger Content Digital) تي ٻڌل نئين ۽ پهرين سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح ڪندي خوشي ٿي. اطلاعات وا??ي وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (DEMP) ۾ موجود اها سي ايم ايس مشين لرننگ، زبان جي سڃاڻپ ۽ ڊيٽا ريسرچ جي صلاحيت رکندڙ آهي. اهو ميڊيا جي فوري ۽ درست نگراني ۽ معلومات گڏ ڪري سگهي ٿو جيڪو تيزترين ۽ باخبر حڪومتي فيصلاسازي جي لاءِ مددگار هوندو. سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي شاگردن جي لاءِ پڻ دستياب هوندو. ان نظام کي ڪاميابي س??ن مڪمل ڪرڻ تي اطلاعات وا??ي وزارت جي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي.