اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته معذور ماڻهن کي معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لا??ِ حڪومتي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ 10 کان 12 سيڪڙو اهڙا ماڻهو معذوري جو شڪار آهن، ذهني معذوري کان علاوه ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم، جسماني معذوري جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ٿيڻ گهرجي، جنهن جو قانوني طور ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، اهڙن ماڻهن لا??ِ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ملازمتن ۾ موقعا فراهم ڪرڻ لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آهي، ته جيئن اهڙا ماڻهو خودڪفيل ٿي سگهن. اهڙو اظهار صدر مملڪت عارف علوي معذور ۽ خصوصي ماڻهن جي ??ين??ن جي موقعي تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو. صدر مملڪت چيو ته هڪ محتاط اندازي مطابق پاڪستان ۾ تقريبن 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو معذوري جو شڪار آهن. حڪومتي سطح تي طئي ڪيو ويو آهي ته ذهني معذوري کان علاوه معذوري جو شڪار ٻارن کي داخلا عام اسڪولن ۾ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن ۾ چئن قسمن جون معذوريون هونديون آهن، جن ۾ ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه ۽ جسماني معذوري شامل آهن. هن چيو ته قانوني لحا?? کان ذهني معذوري کان علاوه ٻين معذورن جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪو به ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي. صدر مملڪت چيو ته اها ڳالهه انتهائي ضروري آهي ته اهڙن ٻارن لا??ِ ڌار اسڪولن بدران عام اسڪولن م داخل ٿين. ان کان علاوه ملازمتن جي لحا?? کان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آهي. جنهن تحت ضروري آهي ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ 3 کان 5 سيڪڙو روزگار جا موقعا معذور ماڻهن کي فراهم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کين اهڙيون ملازمتون فراهم ڪرڻ گهرجن جن سان انهن جي مهارتن کي بهتر ڪري سگهجي ۽ ان حوالي سان نيشنل ووڪيشنمل ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) ۽ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) معذور ماڻهن لا??ِ تربيت جا بندوبست ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه لا??ِ ڪوشان آهن ته 140 شعبن ۾ انهن جي مهارتن کي نکاري سگهجي ته جيئن اهي روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته ان حوالي سان روزگار فراهم ڪندڙ ادارن لا??ِ پڻ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي ته جيئن ان ڳالهه جو تعين ٿي سگهي ته ڪهڙي قسم جو روزگار فراهم ڪيو ويندو. صدر مملڪت چيو ته يونيورسٽين ۾ مفت تعليم، صحت جي سهولتن جي فراهمي، ڪرائين ۾ رعائت جي سهولت پڻ فراهم ڪري رهي آهي. صدر مملڪت چيو ته انهن سهولتن لا??ِ معذوري جو شڪار ماڻهن کي نادرا کان سرٽيفڪيٽ ۽ شناختي ڪارڊ جي حاصلات لا??مي آهي. نادرا 9 کان 18 سالن جي عمر تائين هڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿي جنهن ۾ وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته سرٽيفڪيٽ رکندڙ شخص ڪيتري حد تائين معذوري ۽ ڪهڙي معذوري جو شڪار آهي. 18 سالن جي عمر کان پوءِ مستقل شناختي ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو. صدر مملڪت چيو ته هن عمل کان پوءِ خصوصي ماڻهن لا??ِ روزگار ۽ بئنڪن مان قرضن جي حاصلات پبلڪ سيڪٽر ۾ سهولتن جي فراهمي جا رستا کلندا. صدر مملڪت ڪاروباري ماڻهن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته اهي قانون تي عمل پيرا ٿيندي معذوري جي شڪار ماڻهن لا??ِ روزگار جا موقعا پيدا ڪن، عوامي ماحول ۾ انهن جي آجيان ڪندي کين سهولتون فراهم ڪن. عمارتن ۽ روڊن تي خصوصي ماڻهن لا??ِ رم بڻايا وڃن ته جيئن معاشري جي اهم ماڻهو طور خود ڪفيل ٿي سگهن.