اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) آذربائيجان ??و ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ وارو وزير رشاد نبيوف 17 کان 19 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هي دورو وزيراعظم جي ??اڪو ??ي تازي دوري کانپوءِ ٿي رهيو آهي. آذربائيجان جو وزير رشاد نبيوف انفارميشن ٽيڪنالاجي، هوابازي، مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن جي وزارتن جي پاڪستاني هم منصبن سان ملاقاتون ڪندو ۽ ڪنيڪٽيويٽي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺندو.