منيٰ-30 جون (اي پي پي) مذهبي مع??ملن واري وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪ??ي انتظامن جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو. رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين مع??ملن تي لاڳاپيل معلم سامهون خدشا رکيا. حج پانڌيئڙن کي منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه ۾ پيش مسئلن جي مع??ملي تي وفاقي وزير طلحه محمود سيڪريٽري مذهبي مع??م??ا، سعوديه ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ڊي جي حج س??ن گڏ حجاج ڪرام سان ملاقاتون ڪيون. وفاقي وزير حجاج ڪرام جي مسئلن کي ٻُڌي معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪيو. طلحه محمود حجاج ڪرام س??ن گڏ معلم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. معلم ۽ حجاج س??ن گڏ مختلف ڪيمپس جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين مع??ملن سميت معلم آڏو خدشا رکيا. طلحه محمود چيو ته پاڪستاني عزت ۽ محبت وارا ماڻهو آهن. منيٰ ۾ پاڪستانين جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. پاڪستاني حج پانڏيئڙن کي منيٰ ۾ رهائش، کاڌي بابت شديد خدشا آهن. مان پاڪستانين جو نمائندو آهيان، پاڪستان جي حج پانڌيئڙن کي درپيش مشڪلاتن سان شديد ڏُک ٿيو آهي. طلحه محمود معلم کي هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي منيٰ ۾ رهائش فراهم نه ڪئي هئي انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن.