مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لاءِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس (ايم سي او) قائم ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ انفارميشن سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به گم ٿيل حاجي يا سامان جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجين جي ڪنهن به امڪاني مسئلن جي ڪڙي نگراني ۽ انهن جي حل لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي. مختلف ٻيا خاص يونٽس جهڙوڪ و??يل چيئر ڊيسڪ وغيره حاجين جي سهولت لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. انهن سهول??ن جي فراهمي جو مقصد حج انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ آرامده ۽ پريشاني کان پاڪ م??حو?? فراهم ڪرڻ لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.