انقره-03 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه جي صد?? رجب طيب اردگان ۽ سندس گهرواريءَ ايمني اردگان سا?? ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب رجب طيب اردگان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪيه جو صد?? چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وفاقي وزير مريم اورنگزي?? چيو ته رجب طيب اردگان جي تاريخي ڪاميابي ترڪيه جي عوام جو مٿس مسلسل اعتماد جو اظهار آهي، صد?? اردگان جي قيادت ۾ ترڪيه وڌ??ڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ڀائر ملڪ آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌ??ڪ مضبوط ٿيندا.