اسلام ??با?? – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اوسلو ۾ ناروي جي پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي جن جي سربراهي چيئرپرسن اين سورائيڊ ڪري ره?? هئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گ??يل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ عالمي امن کي لاحق خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ناروي تي زور ڏنو ته هو عالمي تڪرارن جي حل ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري. حنا رباني کر گذريل ڏينهن اوسلو پهت?? هئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير 5 کان 13 جون تائين يورپ جي 4 ملڪن ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جي سرڪاري دوري تي آهي.