اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاران پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ سٺو سنئوڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهم ترڪ بزنس گروپن سان ملاقاتن ??وران انهن پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ وا??ار جي ضرورت تي روشني وڌي آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيھ وچ ۾ 31 مئي کان آپريشنل ٿيل شئين ۾ وا??ار جي تاريخي معاهدي سان بهترين موقعا پيدا ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ 3 سالن ۾ ٻه طرفي وا??ار جي ڳاڻيٽي کي 5 ارب ڊالر سالياني تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.