پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، فوجي ??ڪاڻن ۽ سول ملڪيتن تي حملو ڪندڙ، اتساهيندڙ، هدايتون ڏيندڙ ۽ منصوبابندي ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، پوري قوم عمران نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، جن تي اڳ ۾ پنهنجي حڪومت هٽائڻ جي سازش جو الزام هنيو انهن ??ان ئي اڄ مدد گهري رهيو آهي. گورنر هائوس پشاور ۾ سياسي اڳواڻن جي اجلاس کي ??طاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 9 مئي جا واقعا انتهائي مذمت جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ته هن ريڊيو پاڪستان جي عمارت جو دورو ڪيو آهي ۽ اتان جي صورتحال ڏسي انتهائي افسوس ٿيو آهي، اهڙي طرح جون ڪارروايون ته دهشتگرد ڪندا آهن، 9 مئي جا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ دهشتگردي ڪئي وئي ۽ اهو ڏينهن ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سول ملڪيتن ۽ فوجي ??ڪاڻن کي ??قص??ن پهچايو ويو، عمران نيازي جي حڪم تي جٿن اها شرپسندي ڪئي، انهن کي ??اقاعده هدايتون ڏنيون ويون ته هنن هنن جاين تي ڪارروايون ڪرڻيون آهن، انهن واقعن جو اسان جي ??عاشري تي گهرو اثر پيو آهي، 75 سالن ۾ ڪنهن کي ??ئين ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، ملڪ ۾ وڏا وڏا واقعا ۽ حادثا ٿيا پر تح??ل، بردباري ۽ برداشت سان انهن حادثن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏنو ويو، سياسي پارٽيون احتجاج ڪنديون آهن پر انهن جو احتجاج پرامن هوندو آهي، ڪڏهن ڪنهن فوجي ??ڪاڻن تي ائين حملا نه ڪيا، پهريون ڀيرو اهڙا واقعا ٿيا آهن، حڪومت جي ذميواري آهي ته جن ڀڃ ڊاهه ڪئي، منصوبابندي ڪئي، هدايتون جاري ڪيون، ماڻهن کي ??تساهيو ۽ گارگند ڪئي، فوجي ۽ سول ٺڪاڻن تي حملا ڪيا اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، وڏي مشاورت کانپوءِ اهو طئي ٿيو آهي ته سول ملڪيتن تي حملا ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ??بوت سان گڏ ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو جڏهن ته فوجي ??ڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي ??اءِ آئين پاڪ فوج کي ??يڪي اختيار ڏنا آهن انهن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ جتي جتي به اهي واقعا ٿيا ذميوارن جي خلاف قانون تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو به ملوث هوندو ان سان قطعي طور تي ڪا به رعايت نه ٿيندي ڇو ته جيڪڏهن انهن کي ??خت سزا نه ڏني وئي ته ان سان ملڪ کي ناقابل تلافي ??قص??ن ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي ۽ ان جو جٿو اهڙن ملڪن جن تي هو اڳ ۾ پنهنجي حڪومت ختم ڪرڻ جو الزام هڻندو هو اڄ انهن کي ??پيلون ڪري رهيو آهي ۽ انهن ??ان مدد گهري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوم عمران نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، هاڻي قانون حرڪت ۾ ايندو، ريڊيو پاڪستان 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي آزادي جي خوشخبري ٻڌائي هئي ان جي تاريخي ورثي کي ??باهه ڪيو ويو، ان ??ان وڌيڪ دشمني ۽ تباهي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته اڄ مون پشاور ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي آهي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ان حوالي سان تمام سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، ان تي صوبائي حڪومت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي ??وليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.