مظفرآباد- 25 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ??شم??ر جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته پاڪ فوج جي شهيدن جون ق??بانيون اسان جو سرمايو آهن، شهيدن جي عظيم قربانين جي ڪري اڄ اسان آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملن جي ڀرپور مذمت ڪريان ٿو. يوم تڪريم شهدا جي موقعي تي خاص بيان ۾ هن چيو ته 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي ڪيل حملن تي ??شم??ري قوم کي ڳڻتي آهي، هٿياربند فوج پاڪستان جا جانباز ايل او سي تي جانين جو نذرانو پيش ڪن ٿا ته اسان سڪون سان سمهون ٿا، هن چيو ته حديث مبارڪ آهي ته اسلامي سرحد جي هڪ ڏينهن جي نگهباني دنيا فاني ۽ ان جي سمورين شين کان مٿانهين آهي. آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم چيو ته آزاد ??شم??ر جو ڪو به قبرستان اهڙو ناهي جتي ڪنهن شهيد جي قبر تي پاڪستاني جهنڊو نه ڦڙڪندو هجي. مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي ۽ ??شم??ر جي آزادي جي ض??من آهي. هن چيو ته ??شم??ري عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ ??شم??رين کي اپيل آهي ته هو پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن.