اسلام آباد- 31 مئي (اي پي پي)نوجوانن جي معاملن بابت وزيراعظم جي ??اص مددگار شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت اعليٰ تعليمي ادارن جي ??اصلاحيت شاگردن ۾ هلندڙ سال ميرٽ جي ??نياد تي هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن، ان لاءِ شاگردن جي ??ن لائن رجسٽر??شن جو عمل جاري آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ ڪاروباري ۽ زرعي قرضن لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي ??جويز آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران نفرت سان ڀريل سياست جا نوجوانن تي ناڪاري اثر پيا. مختلف تعميري پروگرامن ذريعي نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هلندڙ سال انوو??شن ايوارڊ لاءِ 3 هزار درخواستون مليون. بوٽ ڪيمپس لاءِ چونڊيل 500 ٻارن مان 100 ٻارن کي نيشنل انوو??شن ايوارڊ ڏينداسين. اهڙو خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي خاص انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ??روعات 13 مارچ 2013ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت ڪئي هئي. ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته يوٿ پروگرام تحت غير رسمي تعليم ۽ هنرمنديءَ تي توجهه ڏني وئي آهي. گذريل 10 سالن جي ??جربن کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجوده حڪومت ۾ ان پروگرام ۾ بهتري آندي وئي آهي. هنر جي ??ربيت تي خاص توجهه ڏني پئي وڃي ته جيئن ٻار تعليم سان گڏوگڏ هنر به سِکن. وزيراعظم شهباز شريف 2013ع ۾ پنجاب ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي هئي، صرف وفاق ۾ نوجوان شاگردن کي 2013ع کان 2018ع تائين 5 لک ٽاپ ڏنا ويا. ڪورونا دوران نوجوانن ليپ ٽاپ ذريعي روزگار ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکيون. هن چيو ته ليپ ٽاپ جي ??جسٽر??شن جو پورٽل کُلڻ کانپوءِ نوجوانن ان کي تمام گهڻو ساراهيو آهي. هلندڙ سال اعليٰ تعيلمي ادارن جي هڪ لک باصلاحيت نوجوانن ۾ ميرٽ جي ??نياد تي ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ايندڙ مالي سال دوران ليپ ٽاپ اسڪيم جو دائرو وڌايو ويندو. نوجوانن کي مفت ليپ ٽاپ جي فراهميءَ سان گڏوگڏ آسان شرطن تي ان لاءِ قرضن جي فراهميءَ جي ??جويز به آهي. وزيراعظم هنرمند پروگرام تحت مختلف شعبن ۾ 70 سيڪڙو هاءِ ٽيڪ اسڪلز ۽ 30 سيڪڙو روايتي مهارتن جي ??ربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي ??ي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ناڪاري سياست، سياسي انتقام ۽ نفرت جي ??نياد تي سياست ڪئي وئي، جنهن ذريعي نوجوانن کي خاص طور تي ورهايو ويو. گذريل پنجن سالن دوران اسان جي ??ياسي قيادت کان سياسي انتقام ورتو ويو، ان جا اثر نوجوانن جي ??هني صحت، واڌ ويجهه ۽ ڪردار تي پيا. هن چيو ته هاڻي نوجوانن کي يوٿ پروگرام تحت انگيجمينٽ ذريعي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم جو مقصد ملڪ ۾ ننڍي ڪاروبار ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ آهي. پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ ۾ معيشت ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي. گذريل سال ٻوڏ سبب پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو، انهن علائقن ۾ ننڍن آبادگارن ۽ زراعت سان لاڳاپيل نوجوانن جي مدد لاءِ زرعي قرضن جي فراهمي شروع ڪئي وئي. وزيراعظم 24 جنوريءَ تي ان اسڪيم جو افتتاح ڪيو هو، هاڻي تائين 22 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. 30 جون تائين 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪرڻ جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ وزيراعظم يوٿ بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي ??جويز آهي، ان ۾ 50 ارب رپيا قرض ڪاروباري ۽ 50 ارب رپيا قرض زرعي مقصدن لاءِ ڏنو ويندو. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو صحتمند سرگرمين ۾ شامل ٿين، پنهنجي ??وجهه پڙهائي، ڪردار سازي ۽ راندين جهڙين هاڪاري سرگرمين تي ڏين.