اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اس??مبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اس??مبلي جي 180 ميمبرن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو. قومي اس??مبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پارليامينٽ بابت سوال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آئين، جمهوريت ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي اڪثريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان جي قومي اس??مبلي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪر?? ٿي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اس??مبلي جي 180 ميمبرن پنه??جي سيٽن تي بيهي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي پنه??جي اعتماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تي 180 ميمبرن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي طرح اها قرارداد قومي اس??مبلي پاران منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زندهه هجي ها ته اڄ ميمبرن جو انگ 181 هجي ها. واضح رهي ته وزيراعظم جي عهدي تي برقرار رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جو اعتماد لازمي آهي.