اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي آ??ين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن آ??ين جي نصاب ۾ شموليت جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قرارداد پيش ڪئي. قرارداد پيش ڪرڻ کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڪميٽي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ڪري پهريون ڀيرو باقاعده پارليامينٽ مان قرارداد پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نصاب ۾ آئين، جمهوري قدرن، روايتن ۽ آئيني نظام کي نص??ب شامل ڪيو پيو وڃي، هي تاريخي ڏينهن ان لاءِ به آهي ته تاريخ جو رخ صحيح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، حقيقي تاريخ پاڪستان جي عوام کان لڪايل اسان ان کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق ينگ پارليامي??ٽر?? ايسوسيئيٽس جو سفر شروع ڪيو هو اڄ ان جو تاريخي رخ مڪمل ٿي رهيو آهي، پهريون ڀيرو ينگ پارليامي??ٽر?? ايسوسيئيٽيس 250 تا??ين پهچي چڪي آهي، اسڪول ۽ يونيورسٽي جا ٻار پارليامينٽ ۾ ا??ٽر??شپ ڪن ٿا. قرارداد پيش ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي عزم ڪري ٿو ته آ??ين ۽ جمهوري شهري تعليم کي صوبائي حڪومتن جي ڪ??ٽر??ل هيٺ سمورن اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيتي ادارن جي نصاب ۽ تعليمي سرگرمين جو لازمي حصو ب??اي?? ويندو. 1973ع جي آيئن ۾ ڏنل بنيادي حقن، پاڪستان ۾ آئيني ۽ جمهوري اڳڀرائي جي غيرجانبداراڻي اظهار سان گڏ صوبن جي اسڪولن/ ڪاليجن/ يوينورسٽين ۾ پڙهايا ويندڙ لاڳاپيل مضمونن جي نصاب ڪتب (جهڙوڪ پاڪستان اسٽڊيز، هسٽري، يا سوشل اسٽڊيز، اردو، انگريزي يا ڪو ٻيو) ۾ شامل ڪيا ويندا تعليمي ڪئمپسز ۾ غير ۽ هم نصابي سرگرميون پاڪستان ۾ پارلياماني جمهوريت، بنيادي حقن ۽ آئيني نظام بابت موضوعن کي استحقاق ڏينديون. عوامي خدمت جا نشرياتي ادارا ۽ آزاد نجي ميڊيا پنهنجي عوامي خدمت جي ذميوارين تحت شهرين ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ فعال معاهدي طور تي آ??ين ۽ ان جي موزونيت بابت افهام تفهيم وڌائڻ جي لاءِ مناسب وقت وقف ڪندا. صوبائي حڪومتون آ??ين جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي تحفظ جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستاني عوام تا??ين پهچ حاصل ڪنديون. هي ايوان 18 هين آئيني ترميم تحت ان آئيني شق جي حقيقي روح کي برقرار رکڻ جو عزم ڪري ٿو جنهن تحت تعليم جو موضوع صوبن کي ڏنو ويو آهي. ان لاءِ هي ايوان صوبائي حڪومتن تي زور ڏي ٿو ته اهي ضروري ڪارروائي ۽ گهربل ضروري ڪم ڪن. وفاقي حڪومت سمورين صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي اڪا??ين جي حڪومتن تي زور ڏيندي ته اهي ان قرارداد تي عملدرآمد ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻا??ين ته آ??ين جي اهميت ۽ ان جي نمايان نقطن جو مطالعو خاص طور تي انساني حقن (ٻارن، عورتن، اقليتن، مناسب عمل ۽ عالمي انساني حقن جي ذميوارين) ۽ اختيارن جي تثليٽ بابت ڪورسز صوبن جي سمورن تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل هجن. ڪنوينشن ان قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو.