اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ موثر قانونسازي ۽ ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ انتظامي معاملن جي لاءِ ان جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچس??ي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قم?? پڻ موجود هئا.