اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريبن جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس ۾ تختي جي نقاب ڪ??ائي ڪئي. سينيٽ جي 50 هين سالگرهه جي تقريبن جي مناسبت سان ڪميٽي آف هول جي اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ک??س يادگاري تحفو پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پڻ سينيٽ چيئرمين کي ميڊلين پيش ڪيو.