اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف 5 ۽ 6 مارچ تي قطر ۾ منعقد ٿيندڙ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي حوالي س??ن گڏيل قومن جي پنجين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم کي قطر جي دوري جي دعوت، قطر جي امير طرفان ڏني وئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي م??ابق ڪانفرنس 5 کان 9 مارچ 2023ع تائين ٿيندي جنهن ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو ورتو ويندو. عالمي اڳواڻ امدادي ڪارروائين کي م??حرڪ ڪندا ته جيئن انهن ملڪن کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. پنهنجي دوري دوران ڪانفرنس ۾ شرڪت کان سواءِ وزيراعظم دوحه ۾ مختلف عالمي اڳواڻن، وفدن جي سربراه سان ملاقاتون ڪندو. ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي م??اونت جي حوالي سان عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو وٺندا جن تي ترقياتي شراڪتدارن طرفان اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪست??ن گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي عالمي سطح تي پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سال 2022ع دوران جي-77 ۽ چين جي اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪستان ايل ڊي سيز جي امداد جي حوالي سان اثرائتن قدمن کي يقيني بڻايو. اهو ئي سبب آهي ته قطر ۾ ڪانفرنس منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ منظور ڪيل قراردادن تحت ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق وزيراعظم شهب??ز شريف جي ڪانفرنس ۾ شرڪت س??ن گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پاڪستان طرفان سپورٽ ۾ مدد ملندي جنهن سان ايل ڊي سيز جي م??اشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. ترجمان چيو ته پ??ڪست??ن گڏيل قومن جي 20230ع جي سائوٿ ڪو آپريشن فريم ورڪ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري ايجنڊا تحت اثرائتي عالمي شراڪتداري جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.