آ??يا??ان (ترڪيه) – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب آ??يا??ان ۾ زلزلي کان مت??ثر عورتن سان ملاقات ڪئي ۽ زلزلي جي ڪري ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير زلزلي کان مت??ثر عورتن سان گلي پڻ ملي. ان موقعي تي هن پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان حڪومت مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي بحالي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين.