ابوظ??بي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو خوش آئنده آهي، ابوظ??بي چيمبر آف ڪامرس جي بورڊ ۾ پاڪستاني واپار?? جي طور ميمبر موجودگي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽ?? جي اهم ڪردار جو اعتراف آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظ??بي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت چيمبر جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪري رهيو هو. ??ن موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مواصلات وارووفاقي وزير مولانا اسعد محمود، وزيراعظم جا خاص معاونين اورنگزيب، طارق فاطمي ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس يو اي ا?? جي هڪ اهم چيمبر آف ڪامرس جي وفد س??ن ملي خوشي ٿي. هن چيو ته ابوظ??بي چيمبر گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته چيمبر ۾ پاڪستاني ميمبرن مان هڪ واپاري جو بورڊ ميمبر بڻجڻ اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آه?? جيڪو ان حقيقت جو مظهر آهي ته پاڪستاني ڪميونٽي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ دانشمندي مختصر عرصي ۾ گڏيل عرب امارات کي اقتصادي ۽ سياحت جو مرڪز بڻايو آهي، پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته اسان گڏيل عرب امارات کي پنهنجو پاڙيسري هجڻ جي ناطي هڪ اهم اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيدار سمجهون ٿا جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي صلاحيت رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان پاڪستاني چيمبرز تي زور ڏينداسين ته اهي ابوظ??بي چيمبر سان نوان رابطا قائم ڪن. وزيراعظم ابوظ??بي چيمبر جي ميمبرن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اهي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي بهترين موقعن جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪن. وزيراعظم چيو ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ابوظ??بي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.