اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ??ه وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي تازي سربراهه اج??اس کي موسمياتي تبديلي سان ملڪ ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي صورتحال، بحالي ?? نئين سر تعمير جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان دوري پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن خاص طور تي پاڪستان ۾ ان سان ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي ??جاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته سربراهه اج??اس وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ??المي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه، گڏيل ڳڻتي جي ٻطرفي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ جرمن چانسلر سان پڻ ملاقاتون ڪيون جڏهن ته هن بحرين ۽ ڪويت ج?? ولي عهد، ايسٽونيا، تاجڪستان، عراق، گڏيل عرب امارات ۽ يورپي ڪائونسل جي صدرن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان دوران بيلجيئم، هالينڊ، ناروي، اسپين، لبنان جي وزيراعظمن ۽ انڊونيشيا جي نائب صدر سان گڏوگڏ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي سربراهه اج??اس ۾ وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير، موسمياتي تبديلي واري وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير شرڪت ڪئي.