اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ماحوليا??ي تبديليءَ بابت وفاقي وزير ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي ماحوليا??ي تبديلي جي حوالي سان پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ??ي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ڪلائمينٽ فائنانس بابت ٽائمز لائنز مقرر ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شرم الشيخ ۾ ڪاپ 27 ۾ پ??ڪستان پويلين ۾ ”دي لاسٽ اينڊ ڊي ڊيميجڊ“ ??ي عوام سان سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا کي ماحوليا??ي تبديلي جي حوالي سان پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ??ي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، ڪاپ 27 ۾ يقيني بڻائڻو پوندو ته ماحوليا??ي تبديلي سان نقصان جو ازالو اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان عالمي پليٽ فارم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هر ملڪ کي ويٽو جو حق حاصل آهي، اسان جو مطالبو آهي ته گلوبل نارٿ گلوبل سائوٿ کان اڳيان وڌي فوري قدمن جو ت??ين ڪريون جيڪو ماحولياتي خطرن کي نئين فرنٽ لائن جي چائنٺ تي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته دنيا پنهن??ي عملي قدمن کي يقيني بڻائي.