بيجنگ– 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع تي بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب وزيراعظم اربع تي چين جي ص??ر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان جدا جدا ملاقات??ن ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ج?? چين?? سيڙپڪارن ۽ پاڪستاني واپارين سان به ملاقات ٿيندي. وزيراعظم ج?? چين جي دوري جي دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ سميت وسيع تعاون ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم ج?? اهو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ چين جو پهريون دورو آه??. وفاقي وزير، خصوصي معاون ۽ اعلي سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل وفد به چين جي دوري تي وزيراعظم سان گڏ آه??.