اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته عالمي معيشت کي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئي?? سوچ، جرئتمنداڻي ويزن جي ضرو??ت آهي. هڪ ٽوئيٽ ?? وزيراعظم چيو ته آئُون سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي روانو ٿي ره??و آهيان. هن چيو ته عالمي معيشت جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته معيشت کي درپيش مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئي?? سوچ ۽ جرئتمنداڻو ويزن اختيار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته معيشتن کي نقصان پهچندڙ عالمي ٻاڙائي سان معيشت کي خطرن بابت شديد خدشا آهن. وبا ۽ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ آفتن اڳ ۾ ئي اسرندڙ ملڪن کي تمام گهڻو نقصان پهچا??و آهي. وقت اچي و??و آهي ته دنيا بامقصد ڳالهين جي ذريعي وڌندڙ چئلينجن جو حل ڳولي.