آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي قازقستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻول??ه ٿي. ان موقعي تي دفاع و??رو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق م??ڪ ۽ طارق فاطمي پڻ موجود هئا.