اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم شه??از شريف کي ماحولياتي تبديلين جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلين ۽ مسئلن جي حل بابت تنظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي 195 ملڪن مان پاڪستان جي وز??راعظم کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شه??از شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي اجلاس جي ناروي جي وز??راعظم، مصر جي صدر سان گڏ گڏيل صدارت ڪندو. اهو اجلاس شرم الشيخ مصر ۾ 6 کا?? 18 ??ومبر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي وز??راعظم شه??از شريف کي سي او پي 27 اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي. اجلاس ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالياتي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ماحولياتي تبديلين جي مسئلن ۽ ان جي حل جي حوالي سان هي 27 هون اجلاس هوندو. وز??راعظم شه??از شريف جي ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان پراثر آواز تي ان کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کانپوءِ وز??راعظم شه??از شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين تي موثر آواز اٿاريو هو. ماحولياتي تبديلين جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ جي وز??راعظم شه??از شريف جي تجويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جو اجلاس 15 کان 16 سيپٽمبر تي ثمرقند ۾ ٿيو هو.