اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ٿري گارجز جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 6 لک 50 هزار ڊالر جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ڪري رهيو هو. چائنا ٿري گارجز جي چيئرمين ووشينگ ليان وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ چيڪ ڏنو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چائنا ٿري گارجز تحت ڪرو?? هائيڊرو پاور پراجيڪٽ گذريل ٽن مهينن کان پوري صلاحيت سان هلي رهيو آهي. ڪرو?? هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت لڳايو ويندڙ پن بجلي جو اهم منصوبو آهي جنهن تحت 720 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت واري بجلي پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ٻو?? متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور مالي مدد فراهم ڪرڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ، چيني ڪمپنين ۽ چين جي عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم چائنا ٿري گارجز کي ڪرو?? هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي م??مل ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي م??مل طور تي ف??ال ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي جي فراهمي تي ان جي ڪوششن کي ساراهيو.