اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جا تفص??ل جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سمورين ڪم??شل بئنڪن ذريعي عطيو جمع ڪرائڻ جو سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني عطيو ان اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي سگهندا. اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب برساتن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ غيرمعمولي تباهي ٿي. هن چيو ته اچو اسان سڀ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جي مدد ڪريون. اسان سڀ انهن جو سهارو بڻجون. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورا پاڪستاني دل کولي عطيه جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، اهي عطيا اڪائونٽ (پرائيم منسٽر ريليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. عطيي ذريعي سمورا پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ جي سرڪيولر تحت سموريون ڪم??شل بئنڪُون ۽ انهن جون شاخون وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪري سگهن ٿيون. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سمورين ڪم??شل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي سگهن ٿا. بئنڪ جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف ٽي، راست جي ذريعي به جمع ڪرائي سگهجن ٿا.