اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته حقيقي آزادي جو مطلب بک ۽ غربت کان آزادي آهي، معاشي خودمختياري کانسواءِ اس??ن جي آزادي نامڪمل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪست??ن جو قيام هڪ معجزو ۽ 20 هين صدي جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي هئي جيڪا قائداعظم جي متحرڪ قيادت ۽ قربانين جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته مسلمانن کي يقينن تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هو پر انهن جو شڪست ڏيڻ جو عزم ان کان وڌيڪ مضبوط هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان پنهنجي محنت سان حاصل ڪيل آزادي جو 75 هون جشن ملهائي رهيا آهيون، اسان کي غور فڪر ڪرڻ گ??رج?? ته اسان اڃا تائين ان خواب کي مڪمل طور تي پورو ناهي ڪيو جيڪو اس??ن جي بانين ڏٺو هو. ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف، ??انون جي حڪمراني ۽ برابر معاشري جو خواب شامل هو. هن چيو ته وقت اچي ويو آ??ي ته قوم اهو سمجهي ته حقيقي آزادي جو مطلب ڇا آهي. اهو بک ۽ غربت کان آزادي آهي. معاشي خودمختياري کانسواءِ اس??ن جي آزادي نامڪمل آهي، اس??ن جي سڀ کان وڏي طاقت اس??ن جا ماڻهو آ??ن. ه??ڻي وقت اچي ويو آ??ي ته عوامي پاليسي جو محور انهن جي ڀلائي هجڻ گ??رج??.