اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته جڏهن حڪومت اقتدار ۾ آئي ته بحران جي ڪيفيت هئي، ٻاهرين ۽ اندروني خسارو بلند ترين سطح تي هو?? گذريل پنج سالن جي دوران روانگي واپار جي واڌ جي شرح ٻڙي هئي. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت پائيدار اقتصادي ترقي جو فيصلو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻاهريون واپاري خسارو 20 ارب ڊالر کان 3 ارب ڊالر تائين گهٽ ڪيو ويو آهي، اقتصادي بحران جو هڪ ٻيو سبب حڪومت جي وڌندڙ خر??ا هئا، حڪومت گذريل ٻن سالن دوران خر??ن تي سختي سان ڪنٽرول ڪيو آهي، ڪابينا جي م??مب??ن جون پگهارون، ايوان صدر ۽ وزيراعظم جي خر??ن ۾ گهٽتائي کانسواءِ فوج ۽ سول بجيٽ کي گهٽ ڪيو يو تنهن هوندي به ترقياتي خر??ن ۾ اضافي جو عمل جاري آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وائرس جي وبا جي دوران درپي?? چئلينجز جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته وبا سان عام ماڻهو جي زندگي متاثر نه ٿئي، ان حوالي سان حڪومت 1240 ارب ??وپ??ن جو پيڪيج ڏنو جنهن جا ڪيترائي حصا آهن، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا هڪ سال دوران اڌ ٿي چڪا هئا ۽ ڊيفالٽ جو خطرو هو، حڪومت جي اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۽ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي.