اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان س??يت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي ??هري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ چيئرمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم ک??يا وڃن ۽ جن علائقن جو رابطو ملڪ جي ٻين حصن سان ڪٽجي وي?? آهي انهن جي بحالي ??اءِ مناسب قدم ک??يا وڃن.