اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات باب?? خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان رياست جو اهم حصو آهي، موجوده حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ رياستي ميڊيا کي پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ر??ي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات باب?? اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خطاب ڪري ر??ي هئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڳوڻن دورن ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ به سياسي بنيادن تي ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون ويون.