اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن ج?? سرڪ??ري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان عورتن ج?? تعليم تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بلاول ڀٽو زرد??ري 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمهوري قدرن ج?? پاڪستان ج?? عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان عورتن ج?? تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي ??ي لاءِ پاڪستان ج?? ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن ج?? لاءِ تعليم تائين برابر پهچ جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پاڪستان آسيان ملڪن سان پنهن??ي لاڳاپن کي ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.