اسلام آباد – 01 – ??سمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات ۾ چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين جي اڳوڻي صدر کي سدائين هڪ ع??يم اڳواڻ طور يا?? رکيو ويندو. هن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جو ڪردار اهم ۽ آفاقي حيثيت رکندڙ آهي.