اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪ??ئره چيو آهي، ته پاڪستان ڪ??مير جي حوالي سان پنهنجي مو??ف تي هميشه قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو، قومون پنهنجي تهوار هميشه هڪ خاص مقصد تحت ملهائينديون آهن ۽ پنهنجي من??ل حاصل ڪرڻ لاءِ صديون ڪوشش ڪنديون آهن، ضروري ناهي ته فوري طور تي من??ل ملي وڃي، ان لاءِ بيشمار قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، پاڪستان سان ڀارت جي مخالفت اها ئي آهي ته انهن ڪڏهن به پاڪستان جي وجود کي تسليم ناهي ڪيو، انهن جي دلين ۾ شروع کان ئي نفرت جي باهه ٻري رهي آهي، پوءِ اهو ڪرڪيٽ جو ميدان ئي ڇو نه هجي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ ”ڪشمير هندوستان متوقع الحاق“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميرين جي مو??ف کي تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته ڪڏهن به ان کي ڪشمير جو مسئلو ناهي سمجهيو، بلڪه پاڪستان جو مسئلو سمجهيو آهي، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڪير به اقتدار تي ويٺل هجي، ڪشمير بابت پاڪستان جو مو??ف هميشه ساڳيو ئي رهيو آهي، ڀارت هميشه ظلم، ڏاڍ ۽ مختلف هٿ ڪنڊن سان ڪ??مير جي جاگرافيائي حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اڄ به ڀارت جي اها پاليسي رهي آهي ته ڪشمير کي عالمي من??ر تان هٽايو وڃي جنهن ڪ??ي هو شهريت ۽ ڊوميسائيل جي قانونن ۾ تبديليون ڪ??ي رهيو آهي. صحافي ارشد شريف بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت سڀني معاملن تي گهري نظر رکي آهي، ان مو??عي تي تقريب کي صدر ڪشمير يوٿ الائنس طاهر مجاهد به خطاب ڪيو.