اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سه??ار جي منظوري ڏيندي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بي??ڪ جي مرڪزي ۽ اولهه ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل يوجين ??وڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بينڪ اڳ ۾ ئي خ??را?? جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالر جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين ??ر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالر جو پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقن تي خ??را?? جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ڏکيائين ??ي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪاروائي ڪري رهي آهي.