اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد محمود لنگڙيال جي هدايت تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني لميٽيڊ (اي?? ٽي ڊي سي)، سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيپڪو) ۽ ضلعي انتظاميه دادو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 500 ڪي وي گرڊ اسٽيسن اي?? ٽي ڊي سي دادو ۾ خيمه بستي قائم ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير خيمه بستي جو دؤرو ڪيو. ترجمان اي?? ٽي ڊي ??ي مطابق مقامي ايم اين ايز، ايم پي اي ۽ مئنجينگ ڊائريڪٽر اي?? ٽي ڊي سي انجنيئر ڊاڪٽر رانا عبدالجبار خان پڻ ان سان گڏ هئا. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ فلڊ امدادي سرگمين جو جائزو ورتو. اي?? ٽي ڊي سي، سيپڪو ۽ ضلعي انتظاميه جي ٽيم وفاقي وزير کي بريف ڪيو ۽ فلڊ رليف ڪيمپ ۾ 100 ٽينٽ لڳايا پيا و??ن جيڪو 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن دادو جي رهائشي ڪالوني جي احاطي ۾ قائم آهي. رليف ڪيمپ ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌو، دوائون، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون ضرورت واريون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت بي گهر متاثرن جي مسئلن کان پوري طرح واقف آهي ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ٻارن جي تعليم جو جلد انتظام ڪيو ويندو. سول انتظاميه جي سفارشن مطابق خيمه بستي کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن دادو کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بندن ۽ ٻين حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو. هن ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي پاڪ فوج، سول انتظاميه ۽ اي?? ٽي ڊي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.