اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انس??ني امداد جي سلسلي ۾ وڌيڪ ٻه امدادي اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب مان هيستائين 5 اڏامون ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان سعودي عرب پاران انس??ني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن ??ان آجيان ڪري ٿو.