صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن اسڪول ۾ تعليم هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سموريون جديد سهولتون دستياب هونديون، انهن کي ٽيبليٽ ڏنا ويندا، ان جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، اهي ٻار اسان جو فخر بڻجندا. ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جي دوري دوران وزيرا??ظم شهباز شريف ڪئمپ ۾ قائم اسڪول جي ٻارن ۾ گهلي ملي ويو. وزيرا??ظم ٻارن کان قومي ت??انو به ٻڌو. جڏهن ته ٻارن نظم به ٻڌايا. وزيرا??ظم ٻارن کي شاباس ڏيندي چيو ته هو محنت سان تعليم حاصل ڪن، پاڻي لهڻ کانپوءِ انهن کي جلد پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪيو ويندو. انهن جي والدين جي فصل کي پهچندڙ نقصان جو معاوضو ڏينداسين، متاثر خان??ان?? کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم فراهم ڪئي آهي. متاثر علائقن ۾ سٺا اسڪول ۽ اسپتالون ٺاهينداسين، متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سڀني ادارن سان گڏ??ي ڀرپور مدد ڪنديون. هن چيو ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ عملدارن کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن، اهي وڏيون ٿي قوم جو فخر بڻجنديون. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن ٻارن جي لاءِ هڪ جديد ماڊل اسڪول بڻايو وڃي، جنهن جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت کڻ??دي ان اسڪول جي لاءِ بهترين استادن جون خدمتون ورتيون وينديون. هتي ت??ليم هيٺ ٻارن کي ڪتاب ۽ يونيفارم مفت فراهم ڪيا ويندا. جڏهن ته انهن کي ٽيبليٽ به فراهم ڪيا ويندا. ان موقعي تي وزيرا??ظم شهباز شريف متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ طبي سهولتن جو جائزو به ورتو. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ موجود پيراميڊيڪل اسٽاف وزيرا??ظم کي طبي سهولتن بابت آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت بحال ٿيڻ تي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سڀني متاثرين کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم ادا ڪئي وڃي.