سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي مشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ڪشميرين جي عزم کي ورجايو آهي. ڪشمير ميڊيا سر??س موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق سر??نگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جي ڪردار ۽ عزم ۽ استقلال کي ڪشميري عوام سدائين ياد رکندي. ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جنهن جي سربراهي غيرقانوني طور تي نظربند حريت اڳواڻ شبير احمد شاهه ڪري رهيو آهي، سر??نگر ۾ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جو بي مثال ۽ شاندار ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو، ڪشمير ڪاز جي لاءِ بزرگ اڳواڻ جي اڻٿڪ خدمتن کي ڪشمير جي تاريخ ۾ ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو ويندو، سيد علي گيلاني هڪ ارڏو اڳو??ڻ هو جنهن ڪشمير تڪرار تي اصولي موقف اختيار ڪيو، بي ??وا?? ڪشميرين جو ??وا?? بڻيو ۽ پنه??جي نظريي تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن مشتاق احمد، سيد منظور احمد شاهه، سيد اعجاز رحماني ۽ راجا شاهين اسلام آباد ۾ جاري پنه??جي بيانن ۾ چيو آهي ته سيد علي گيلاني عزم ۽ حوصلي جو پيڪر ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ثابت قدمي جي علامت هو، سيد علي گيلاني هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ نظريي ۽ تحريڪ جو نالو آهي، سندس جدوجهد، جرئت ۽ قربانيون دنيا جي انهن مظلوم ۽ ڪمزور قومن کي حوصلو بخشنديون رهنديون جن جي آزادي وڏن ملڪن کسي ورتي آهي، سيد علي گيلاني جو مشن ۽ نظريو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو.