اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي آزادي کانسواءِ حقيقي آزادي جو تصور ممڪن نه آهي، پاڪستان لکين قربانين کانپوءِ حاصل ڪيو ويو، اسان کي قومي مفاد جي لاءِ ذاتي مفاد قربان ڪرڻو پوندو، وسيلا نه هجڻ جي باوجود هي قوم ائٽمي طاقت بڻي، پاڪستاني قوم گڏجي دهشتگردي کي شڪست ڏني، اسان کي ايندڙ نسلن جي مستقبل تي نظر رکڻي پوندي، پاليسين جي تسلسل، معاشي استحڪام سان سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??اريخ گواهه آهي ته لکين مسلمانن جي خون سان لکيل داستان جو عنوان پاڪستان آهي. ملڪ جي 75 هين سالگرهه تي آئون تحريڪ آزادي جي ا??هن اڻ ڳڻين شهيدن کي خراج عقيدت ۽ پوري دنيا ۾ آباد هر پاڪستاني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ??ڄ رڳو هڪ مبارڪباد ڪافي نه آهي، يقينن اسان هر سال وڏي ڌوم ڌام ۽ خوشي سان آزادي جو ڏهاڙو، پاڪستان ڏهاڙو، قائد ۽ اقبال ڏهاڙو ملهايون ٿا پر حقيقت اها آهي ته ??سان گذريل 75 سالن کان ا??هن ڏي??هن کي رڳو ملهايو آهي پر ا??هن جي اصل مقصد کي اختيار ناهي ڪيو. پاڪستان کي اهڙو نه بڻايو ج??هن کي ڏسي پاڻ اسان جي دل اها گواهي ڏي ته قائد ۽ لکين شهيدن جا روح مطمئن ۽ آسوده هوندا. انهي لاءِ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منهنجي دل خوش به آهي ۽ بي چين به آهي. هن چيو ته ??ڄ اسان کي کليل دل سان اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته پنهنجي ٻارن، پنهنجي نئين نسل کي اهو سڀ نه ڏئي سگهياسين ج??هن جا اهي حقدار آهن. وزيراعظم چيو ته ??ها قوم ج??هن تي الله تعاليٰ جي سدائين تمام گهڻي رحمت رهي ج??هن کي قائداعظم جو عمل ۽ اقبال جي فڪر موجود آهي، پوءِ اها ڇو منزل جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهي آهي، اسان ا??هن بحرانن ۾ ڇو ورتل آهيون جن ۾ سڀ کان وڌيڪ معاشي بحران آهي. هن چيو ته ??ڀ کان اڳ آئون ان جذباتي بحران جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جيڪو اڄ اسان کي درپيش آهي، اهو بحران خودي، خودداري، خوداعتمادي تي اسان جي يقين جو ڪمزور هجڻ آهي ج??هن جا اثر اڄ اسان جي قومي وجود کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيا آهن. جڏهن ته ??سان جو قومي ڪردار جذبي، همت?? محنت ۽ ڪري ڏيکارڻ سان عبارت آهي ج??هن جو سڀ کان وڏو ثبوت پاڻ پاڪستان جو قيام آهي. اهو ئي اهو جذبو هو جيڪو علامه اقبال ستل ملت ۾ جاڳايو، ج??هن جي مدد سان قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم الشان قيادت ان خواب کي تعبير ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ??عمير پاڪستان جي ان مشن کي اسان جي قومي ۽ سياسي قيادت جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي اڳتي وڌايو. هن چيو ته ??قيقتن تان نظرون نه هٽايو، هوشمندي سان سچائي کي م??هن ڏيو ۽ شديد مالي انتظامي ۽ هر قسم جي مسئلن جو صبر، استقامت ۽ دانشمندي سان مقابلو ڪريو.