اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي جمعي ڏينهن پرڏيهي آف??س کان ڊي چوڪ تائين نڪتل ريلي کي خطاب ڪري رهيا هئا. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ڪشمير جو پاڪستان سان رشتو ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي. اسان هڪ قوم جي حيثيت سان ان عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ چا??يو?? ٿا ته ڪشمير سان اسان جو عزم لازوال آهي، ان ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ايندي، ڪشمير ڪڏهن ان ۾ گهٽتائي نه ڏسندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڄ مظاهرا ٿي رهيا آهن پر اهو ڪافي نه آهي، ڪشمير جو م??ئل?? 75 سالن کان هڪ زخم آهي ۽ ان زخم تي مرهم رکڻ پاڪستاني عوام جو عزم آهي، رڳو مخصوص ڏين??ن ۾ احتجاج تائين محدود ناهي رهڻو، پاڪستان جي عوام ان ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي لاءِ اسان جي فوج جنگيون وڙ??يو??، هو ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي پهرا ڏئي رهيا آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين کي ڪشميرين سان وابستگي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته هي ريلي ڪڌا ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ جيڪي 70 سالا تي ٻڌل آهي پر ڪشميرين جو جذبو هر حربي جي باوجود گهٽ ناهي ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبو رکنديون آهن انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ان جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان ۾ هر ح??وم?? ان عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت هن ڪ??س کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ عالمي فورمن تي اٿارڻ ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي ان تڪرار بابت آگاهي جي ضرورت آهي. اسان کي عالمي دنيا کي وڌيڪ جهنجوڙڻ ۽ بار بار اهو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. ح??وم??، ميڊيا، پرڏيهي وزارت کي ان ڪ??س کي جارحاڻي انداز ۾ اٿارڻو آهي، ڀارت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد تائين پاڪستان جي حمايت جاري رهندي. ان جذبي کي جاري ۽ ساري رکڻو آهي. پنهنجي نوجوان نسل کي ان م??ئل?? ۽ ان جي پاڪستان جي لاءِ اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي. اها پڄاڻي پاڪستان جي جدوجهد آهي. ان موقعي تي حريت قيادت، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ موجود هو.