اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف اڱاري تي آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي ايوي ايشن جي گم ٿيڻ واري هيلي ڪاپٽر بابت تازي معلومات حاصل ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان بابت وزيراعظم 12 ڪور جي ڪمانڊر ??يفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت آرمي جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي سلامتي بابت پن??نجي ڳڻتي ۽ فڪر جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل ۽ نهايت س??و ماڻهو آهي. دعا آھي ته هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سڀ ماڻهو محفوظ هجن. وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته وطن جي ان بهادر پٽن جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. سڄي قوم ان حادثي تي ڏک ۾ آهي. وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ وارا اهي فرض شناس پُٽ خدمت جي اعليٰ مثال بڻجي سامهون آيا آهن. اهو آهي پن??نجي ڀائرن ڀينرن، ٻارن جي خدمت جو اهو عظيم جذ??و جيڪو پاڪستان جي حقيقي طاقت آهي. آرمي چيف گذريل رات کان ج??ري ڳولا جي ڪارروائين بابت وزيراعظم کي آگاھ ڪيو.