اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي رد ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ صدر کي قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس ڪري ڇڏي آهي، ??وم نئين چونڊن جي تياري ڪري، اسان غيرملڪي ايجنڊا تي ڪروڙين رپين سان ضمير خريد ڪري حڪومت بدلائڻ جي سازش ۽ غداري ناڪام بڻائي آهي، ??وم کي گهٻرائڻو نه آهي، مستقبل جو فيصلو ڪري، اه?? فيصلو ڪنهن ٻاهرئين طاقت يا ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو پر اه?? فيصلو پاڪستاني ??وم کي ڪرڻو آهي ته اها ڪنهن کي چونڊي ٿي، جيڪي ماڻهو اچڪن سبرائي ??يٺ?? هئا انشاءَ الله انهن جا ڪروڙين رپيا ضايع ويندا. ??وم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي جي رٿ غيرملڪي ايجنڊا هئي، ان رٿ کي اسيمبلي مان رد ڪرڻ جي فيصلي تي پوري ??وم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، سڄي ??وم ان صورتحال سان پريشان هئي، آئون ??وم کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته الله هن ??وم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي. 27 رمضان تي هي ملڪ وجود ۾ آيو ان جي خلاف ڪا سازش انشاءَ الله ڪامياب نه ٿيندي. ڊپٽي اسپيڪر پاران ڏنل رولنگ کانپوءِ مون صدر کي ايڊوائيس موڪلي ڇڏي آهي ته هو اسيمبليون تحليل ڪري ڇڏي. اسان فيصلو ڪيو آهي ته هڪ جمهوري معاشري ۾ اسان عوام وٽ وڃون ۽ اها فيصلو ڪري ته اها ڪنهن کي چاهي ٿي ته جيئن اڳتي ٻاهر جي سازش سان ڪرپٽ عنصر پئسن جي ٻورين سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪري اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪن. اه?? ماڻهو جيڪي اچڪن سبرائي ??يٺ?? هئا انهن جو اه?? پئسو ضايع ٿي ويو آهي، آئون پئسا وٺندڙن کي چوان ٿو ته اه?? اه?? پئسو ڪنهن پناهگاهه تي لڳائي ڇڏين. هن ??وم کي چيو ته اها نئين چونڊن ۾ ??وم جي مستقبل جو فيصلو ڪري. اه?? فيصلو ڪنهن ٻاهر جي طاقت يا ڪنهن ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو. صدر وٽ ايڊوائيس وڃڻ کانپوءِ اسيمبليون تحليل ٿي وينديون ۽ نگران سيٽ اپ قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته آئون الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته ??وم سان ڪئي ويندڙ ايتري وڏي سازش ناڪام ٿي آهي.