اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ سربراهه پاڪ فضا??يه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ??وران حاضر دور جي تغيراتي جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضا??يه جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ايئر چيف وزيراعظم پاڪستان ۽ پرڏيهي وزير جي چين جي ايندڙ دوري جي مناسبت سان پاڪستان جي دوست ملڪ چين سان تع??ون ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ سمارٽ انڊڪشنز جي ذريعي ”پي اي ايف مارڊنائزيشن پروگرام“ بابت معلومات فراهم ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ٻين شعبن ۾ گڏيل تع??ون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير پي اي ايف جي بي مثال پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي پاڪ فضا??يه کي نيڪسٽ جنريشن ايئر فورس جي طور تي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل تع??ون جي خاطري ڪرائي، ??ن قائداعظم جي ويزن ”سيڪنڊ ٽونن“ تي عمل پيرا پاڪ فضا??يه کي ملڪ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع فراهم ڪرڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي ايئر چيف دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ پرڏيهي وزارت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.