اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي??يٽ جي چيئرمين سينيٽر صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ سالار س??جراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان سي??يٽ جي چيئرمين سينيٽر محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيئرمين سان سندس ڀاءُ سالار س??جراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن مرحوم جي بلند درجن لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، آر س?? ڊي روڊ کي ٻن لائين وار?? ٺاه?? بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ روڊن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي خاطري ڪرائي، هن سي پيڪ تحت تعمير ٿيندڙ روڊن خاص طور تي اولهه روٽ جي تعمير کي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان منصوبي ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ نئين دور جو آغاز ٿيندو.