اسلام ??باد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آهي، ڪورٽ رپورٽر سٺي طريقي سان اها ذميداري سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چوڌري فواد حسين پريس ايسوسيئيشن آف ??پريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير راجا محسن اعجاز کي صدر ۽ عديل سرفراز کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عدليه تي عوام ??ي اعتماد وڌائڻ ۾ ڪورٽ رپورٽنگ جو اهم ڪردار آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جون خدمتون تحسين جي لائق آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ قدم اسان جو عزم آهي. صحافين کي ترجي??ي بنيادن تي صحت ڪارڊ فراهم ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت ڪارڊ ??ي ذريعي صحافي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهو??ت حاصل ڪري سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف ??پريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي ڀلائي سميت ذميداراڻي صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.